پيرولاشاري: پيرولاشاري ڀرسان ڳوٺ بلاول لاشاري ۾ پلاٽ جي تڪرار تان لڳايل باھه کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ترائي ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جنھن خلاف ڳوٺاڻن دلشاد لاشاري، محمد لاشاري، مراد علي، حاجن لاشاري احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي پلاٽ جي لوڙھي کي مخالف ڌر ڌڻي بخش، يوسف، حنيف ۽ طالب لاشاري زبردستي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
جنھن جو اطلاع تلھار تي ڏنو، جيڪو تلھار کان فائربرگيڊ گاڏي سرزمين تي پھچي باھه تي ضابطو آندو، جنھن جي ڪري اسان جا گھر وڌيڪ نقصان کان بچي ويا، ھنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.