
اسلام آباد :وفاقي سرڪار صدر عارف علوي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، قاسم سوري ۽ عمر سرفراز چيما خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ اڳوڻي تحريڪ انصاف حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب حڪومت طرفان مبينا طور آئين ٽوڙڻ تي ريفرنس جي تياري لاءِ قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس تيار ڪيو پيو وڃي. ريفرنس لاءِ گهرو ۽ قانون واري وزارت ۾ تياري شروع ڪئي وئي آهي. صدر عارف علوي، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيما خلاف ريفرنس لاءِ مواد گڏ ڪيو پيو وڃي. آئين ٽوڙڻ بابت بيان ۽ اسيمبلين جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ جي عمل ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. صدر عارف علوي، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري عمران خان جي چوڻ تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. پنجاب اسيمبلي ۾ به آئيني عمل کي نقصان پهچايو ويو ۽ گورنر پاڻ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. ذريعن موجب صدر عارف علوي پارٽي چيئرمين جي حڪم تي آئين کي قربان ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي آئين تي عمل نه ڪرڻ سبب هنن توهين عدالت ڪئي. جڏهن ته ڪارروائي لاءِ صوبائي اسيمبلين جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ريفرنس سان پاڪستان جي سياسي ۽ عدالتي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکيو ويندو. ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته قانون جي تحت آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪرڻ جي مجاز وفاقي حڪومت آهي. قانون موجب وفاقي حڪومت ريفرنس تيار ڪري داخل ڪندي آهي.