پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 47 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 47 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

ڪراچي ۾ 26 نون ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي، صحت کاتي جي اختيارين ڊينگي تي ضابطي جي لاءِ ٻوٽو نه ٻاريو.

مٽياري ۾ 16، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 2، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ وڌيڪ هڪ هڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. صوبي ۾ مجموعي طور تي هڪ مهيني اندر ڊينگي ڪيسن جو انگ 603 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button