اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ٽماٽا،گيهه ۽ بيضن سميت 25 عام واهپي واريون شيون مهانگيون

اسلام آباد :ملڪ ۾ هلندڙ هفتي دوران مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. ٽماٽا، گيهه ۽ آنن سميت 25 عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿي ويون. ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 43 سيڪڙو وڌي جنهن سبب گڏيل شرح 15 ڏهائي 86 سيڪڙو ٿي وئي.شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي اٽي ۽ کنڊ سميت 4 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. جڏهن ته 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. هلندڙ هفتي ٽماٽا 24 رپيا 17 پئسا، بصر 8 رپيا 24 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا. جڏهن ته آنن جي في درجن قيمت ۾ 4 رپيا 98 پئسا اضافو ٿيو. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هفتيوار مهانگائي جي گڏيل شرح 15 ڏهائي 86 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button