پاڪستانسنڌ

اسڪولن ۾ هيٽ اسٽروڪ کان بچڻ جا انتظام ڪيا وڃن:شرجيل ميمڻ

ڪراچي :سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ هيٽ ويو الرٽ کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 2 مئي تائين سنڌ صوبو هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ رهندو، تنهنڪري شهري غيرضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن. خاص ڪري بزرگ شهرين ۽ ٻارن جو خيال رکيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن ضلعن جي انتظاميا کي ضروري اپاءُ يقيني بڻائڻ ۽ اسپتالن، صحت مرڪزن ۾ هيٽ ويو کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ خصوصي وارڊز مختص ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسڪولن جي انتظاميا ننڍن ٻارڙن کي هيٽ اسٽروڪ کان محفوظ رکڻ جا ضروري انتظام ڪن. هن چيو ته هيٽ اسٽروڪ کان بچڻ جي لاءِ شهري وڌ کان وڌ پاڻي جو واپرائين ۽ ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ آلي ڪپڙي سان پنهنجو مٿو ڍڪن. شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا کي اپيل ڪئي آهي ته عوام ۾ هيٽ ويو ۽ هيٽ اسٽروڪ بابت آگاهي جي لاءِ خصوصي پيغام نشر ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button