پاڪستانسنڌ

بچت بازار ۾ عوام کي معياري ۽ سستيون شيون فراهم ڪيون وڃن: ڊي سي بدين

بدين: ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان انڊس اسپتال بدين لڳ قائم بچت بازار جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ضلعي صحت آفيسر بدين شير محمد نهڙيو، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد ماجد، مختيارڪار ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

ڊپٽي ڪمشنر بدين بچت بازار جي منتظمين کي هدايت ڪئي ته اهي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف مهيا ڪرڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن ۽ عوام کي کاڌ خوراڪ واريون شيون مارڪيٽ کان گهٽ اگهن تي مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته بچت بازار لڳائڻ جو مقصد رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ عوام کي روزمره جي واپرائڻ واريون شيون سستيون ۽ معياري فراهم ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button