پاڪستانسنڌ

چوهڙجمالي لڳ ڳوٺاڻن جو سجاول پوليس خلاف احتجاجي ڌرڻو

چوهڙجمالي: چوهڙجمالي ويجهو چانگ فارم اسٽاپ تي غلام حسين چانگ، موسى چانگ، ڄام چانگ، حنيف چانگ، حسين چانگ ۽ ٻين سجاول پوليس خلاف احتجاج ڪري چوھڙجمالي-سجاول روڊ تي رڪاوٽون رکي چانگ فارم وٽ روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي حنيف چانگ چيو ته اسين سجاول ڪورٽ تان واپس آياسين ته سجاول پوليس اسان جي ڪار کي روڪي ڪار ۾ ويٺل رمضان چانگ ۽ حڪيم چانگ کي بلاوجواز گرفتار ڪري کڻي ويئي آهي.

گرفتاري جو سبب پڇڻ تي ايس ايچ او سجاول گهٽ وڌ ڳالهايو، پوليس عيد خرچي ڪڍڻ جي چڪر ۾ اهڙو عمل ڪري رهي آھي، پوليس اسان کي هروڀرو پريشان ڪري رهي آھي. احتجاج دوران ايس ايچ او مريد کوسو ۽ غلام مصطفى سولنگي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر هنن سندس هڪ ڳالھه نه ٻڌي ۽ ايس ايچ او مريد کوسو واپس ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button