پاڪستانسنڌ

سنڌ سروس ٽربيونل 100 کان وڌيڪ انسپيڪٽرن جي ترقي روڪي ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽ: راشد لغاري) سنڌ سروس ٽربيونل، سنڌ ۾ انسپيڪٽر مان ڊي ايس پي طور ترقي ماڻيندڙ 100 کان وڌيڪ ڊي ايس پي جي ترقي جو عمل روڪي ڇڏيو آهي. آئي جي سنڌ طرفان نوٽيفيڪشن جاري ڪري ترقيون ڏيڻ لا ڊي پي سي پڻ جوڙي وئي هئي. خبر موجب سنڌ سروس ٽربينول ۾ ٽنڊوباگو سان واسطو رکندڙ انسپيڪٽر راج ڪمار لوهاڻو. مشتاق شاهه ۽ ٻين پنهنجي وڪيل راجيش ڪمار کگيجا معرفت سنڌ سروس ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي ته آئي جي سنڌ 100 کان وڌيڪ انسپيڪٽرن کي ڊي ايس پي طور ترقي ڏئي رهيو آهي.

ترقي جي لسٽ ۾ هير ڦير ڪئي وئي آهي. جنهن لا 6 مئي تي ڊي پي سي ويهارڻ لا نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسان پوليس کاتي ۾ 28 سال سروس ڪئي آهي. 2016 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺاهيل لسٽ ۾ 28 سال سروس ڪندڙن جا نالا شامل هئا. وري 2019ع جي سنيارٽي لسٽ ۾ هير ڦير ڪئي وئي آهي. ترقين ۾ کين نظرانداز ڪري 400 نمبر کان مٿي نالا ڏنا ويا آهن. سندن حق ماري ٻين کي ترقي ڏني پئي وڃي. جنهن عمل کي روڪيو وڃي. ان ڏس ۾ سروس ٽربينول جي چيئرمين محمد صادق لغاري، ثريا محبوب، خليل الرحمان شيخ اپيل تي شنوائي ڪئي. شنوائي دوران دليل ٻڌڻ بعد ٽربيونل ڊي ايس پيز طور ملندڙ ترقين جو عمل روڪڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button