پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ ڊرائيور جي قاتلن جي گرفتاري لا ريلي، ڌرڻو

ڄامشورو: ٽيڪسي ڊرائيور عبدالخالق چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لا ڄامشورو ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پي ايس او پمپ ٽيڪسي اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نٽھڻ اس ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ٽيڪسي ڊرائيورن زاھد چانڊيو، غلام نبي بليدي، ظفر کوسو ۽ اعجاز لاکير سميت ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٽيڪسي ڊرائيور عبدالخالق چانڊيو کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ھنن آ جي سنڌ سميت وسوارن کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button