پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ دڪاندار پي پٽ يرغمال، ڏيڍ لک رپيا ڦر

سرھاڙي: سرهاڙي ھائي اسڪول لڳ سرھاڙي-سعيدآباد روڊ تي درگاهھ ڪرم شاھه وٽ شھر کان گھر ويندڙ دڪاندار وقار شيخ ۽ سندس والد ايوب شيخ کي هٿياربندن ھٿيارن روز ته يرغمال بڻائي ورتو ۽ پسٽل جا فائر ڪري ڏيڍ لک کان وڌيڪ رقم، 3 موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ڪجهه دير سان پھتي، 5 منٽ بعد پوليس واپس رواني ٿي وئي. ھوڏانھن دڪاندار وقار شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته مان ۽ منهنجو والد محمد ايوب شيخ سرهاڙي مان دڪان بند ڪري ڳوٺَ گل محمد لغاري وڃي رهيا هئاسين ته سرھاڙي-سعيدآباد روڊ تي 3 اڻڄاتل هٿياربند ڦورو اسان مٿان پسٽل جا فائر ڪري روڪي ويندو ۽ ڏيڍ لک کان وڌيڪ رقم، 3 موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس بدامني تي ضابطو آڻي نه سگهي آهي. پوليس ھٿ سان ڏوهه ڪرائي ٿي. ھن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي آئي جي بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته ڦر ڪيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ايس ايڇ او سرھاڙي کي ھٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button