پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ مهمان ٿي آيل همراهه جو تشدد ٿيل لاش مليو

سنجهورو: سنجهورو ۾ مهمان ٿي آيل همراهه جو تشدد ٿيل لاش مليو. رپورٽ موجب سنجهوري ويجهو ڳوٺ رکيل رند ۾ مهمان ٿي آيل خميسي اوڏ جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، شاهپور چاڪر ويجهو ڳوٺ ڪامل مگسي جو رهواسي خميسو اوڏ مير رند وٽ مهمان ٿي آيل هو، صبح جو سندس لاش واٽر وٽ گڏهھ جي ڀر ۾ پيل مليو، اطلاع تي مقامي ڳوٺاڻن سنجهورو پوليس کي ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سنجهورو منيم لاڙڪ ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آھي ته فوتي جو موت گڏهھ سان بدفعلي ڪرڻ دوران گڏھه جون لتون لڳڻ سبب ٿيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. ٻئي طرف ميڊيڪل آفيسر نذير خاصخيلي به شروعاتي رپورٽ ۾ ساڳيو موقف اختيار ڪيو ۽ ڄاڻايو ته وڌيڪ ڄاڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button