پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ ڇتي ڪتي عورت سميت 6 ماڻهن کي ڏاڙهي ڇڏيو

ميرواہه گورچاڻي: ميرواهھ گورچاڻي جي مختلف ڳوٺن ڀڳت ڳوٺ، ڊاڪٽر شبير خاصخيلي، نويد ڪامران، بلوچ فارم ۽ مانجھي خاصخيلي ڳوٺ ۾ ڇتي ڪتي مختلف ڳوٺاڻن سميت ڪجهه ٻڪرين کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن ڊوڙائي ڊوڙائي ڇتي ڪتي کي بندوقن جا فائر ڪري ماري ڇڏيو. هوڏانهن زخمي ٿيل هيرو ٻائي زال ڀوڄو ڪولھي، شگن مستري، مهراڻ ڪولھي، رامجي ڪولھي، پرڀو ڪولھي ۽ نياز خاصخيلي کي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن کين طبي امداد ڏني، بعد ۾ سمورن زخمين کي آر آئي جي وئڪسين لا حيدرآباد روانو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ٽيڪسينيشن ڀومجي ٻڌايو ته وئڪسين اسان وٽ ناهي، اها حيدرآباد ۾ لڳائي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button