پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ پ پ گروپن طرفان هڪٻئي سامهون اميدوار نه آڻڻ تي اتفاق

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون شروع ٿي ويون آھن. پ پ اڳواڻن پاران ماضي جيان مڪاني چونڊن ۾ هڪٻئي سامهون ٿيڻ کان بچڻ لا پ پ ٽنڊوآدم ۽ شھدادپور جو گڏيل اجلاس ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾ ۾ تعلقي صدر جاويد شورو جي ميزباني ھيٺ ضلعي صدر علي حسن هڱورجو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي ڏيرا گروپ پاران ايم پي اي فراز ڏيرو، لالا محمد ايوب خان، جوڻيجو گروپ پاران اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو، غلام مرتضى جوڻيجو، علائوالدين جوڻيجو، سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين، ايم پي اي شاهد خان ٿهيم، جاويد ناياب لغاري، جهانگير جوڻيجو، جاويد علي شورو، خير محمد شاھه ۽ گل محمد ڏاهري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو ۽ اڳواڻن سيٽن جي ورهاست سميت ٻين معاملن تي اتفاق ڪيو ته هڪٻئي سامهون اميدوار نه بيهاريا ويندا. ان سلسلي ۾ تعلقي صدر جاويد علي شورو ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم لالا محمد ايوب خان ٻڌايو ته پ پ قيادت جي هدايتن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيٽن جي ورهاست تي اتفاق ڪيو ويو ته هڪٻئي سامهون اميدوار نه بيهاريا ويندا ۽ هڪٻئي جي مدد ڪئي ويندي. ٽنڊوآدم ميونسپل جي وارڊن توڙي ٻھراڙي جي 10 يوسيز تي سيٽن جي ورهاست بابت هنن جو چوڻ ھو ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ جنهن جيڪي سيٽون کٽيون آھن، اهي انهن کي ڏنيون وينديون، ميونسپل وارڊن جي ڪجھه سيٽن ۽ ٻھراڙي جي 10 يوسيز جي تڪراري سيٽن تي ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويندو، ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوآدم جي 23 سيٽن مان ڏيرا گروپ کي 8، شوقين گروپ کي 8 ۽ جوڻيجو گروپ کي 7 سيٽون ملنديون. ڏيرا گروپ پاران 10 سيٽن جي گهر ڪئي وئي آھي، جنهن لا سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين ۽ لالا ايوب پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري طئي ڪندا. هنن وڌيڪ چيو ته 10 يوسيز جي ورهاست پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ 2 يوسيز ڏيرا گروپ، 2 يوسيز ٿهيم گروپ ۽ 3 يوسيز جوڻيجو گروپ ۽ هڪ يوسيز جاويد شورو کي ڏني وئي. پ پ اڳواڻ شڪيل مري جي عمري تي هجڻ سبب 2 يوسيز بابت بعد ۾ طع ڪيو ويندو. اهڙي ريت شھدادپور تعلقي ۾ پڻ جوڻيجو ۽ ٿهيم گروپن ۾ ساڳئين فارمولي تحت ورهاست ڪئي وئي. ٻئي طرف پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فدا حسين ڏيرو پاران مڪاني چونڊن جي شروعات ڪندي وارڊ نمبر هڪ ۽ وارڊ نمبر 2 جي نيڪ مردن ۽ پ پ اڳواڻن جي مان ۾ افطار ڊنر ڏنو ويو، ٻنهي تڪن تان فدا حسين ڏيرو جو فرزند سانول ڏيرو ۽ ڀائيٽو شير محمد ڏيرو امڪاني اميدوار آھن. چونڊن ۾ حصو وٺڻ لا اميدوارن پاران نامينيشن فارم وٺڻ جو سلسلو جاري آھي. اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر علي اڪبر برهماڻي موجب ٽنڊوآدم ميونسپل لا 450 اميدوار فارم وصول ڪري چڪا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button