حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام لا عذاب بنجي وئي آھي، بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين ۾ بجلي چورن ۽ ڪرپٽ ماڻھن جو راڄ آھي، جيڪي عام صارفين کي لکين روپين جا بل موڪلين ٿا ۽ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آھي. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سنڌي قوم جي معاشي تباھي سان گڏ سمنڊ سنڌ جي زمين لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي.
پنجاب 150 سالن کان سنڌو درياھه تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، چشما جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھه آھن، جنھن ذريعي سنڌ جو پاڻي 12 مھينا چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي روزانو 30 ايڪڙ کان مٿي زمين ڳڙڪائي رھيو آھي، ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھه ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري درياھه جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي.