پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ عام واهپي جي شين سان گڏ گوشت جا اگھه به چوٽ چڙهيل

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ عام واهپي جي شين سان گڏ گوشت جا اگھه به چوٽ چڙهي ويا. ٻاڪرو گوشت في ڪلو 1400 کان 1600 روپين تائين پھچي ويو. وڏو گوشت 600 روپين کان 800 روپين تائين ۽ ڪڪڙ جو گوشت 400 کان 500 روپين تائين ٿي ويو آهي. جنھن سبب غريب ماڻھو عيد جي موقعي تي گوشت به خريد ڪري نٿا سگھن. ڪيل سروي دؤران جڏھن جائزو ورتو ويو ته گوشت جون قيمتون به مھانگائي سبب وڌي ويون.

ڪاسائين جو چوڻ آھي ته مھانگائي سبب ڳائو توڙي ماھيو گوشت مھانگائي جي ور چڙھي ويو آهي، اھڙي طرح ٻاڪارو گوشت به مھانگو ٿي ويو آھي، ڪڪڙ به مھانگائي جي ور چڙھيل آھي، گوشت جي خريداري ڪندڙ شھرين جو چوڻ هو ته عيد جي موقعي تي گوشت به مھانگو ٿي ويو آھي، غريب ماڻھو گوشت به خريد ڪري نٿا سگھن، شھرين مطالبو ڪيو ته گوشت جي اگھن واري مسئلي تي حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button