پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ پوليس جي زيادتين ۽ چوري خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ميھڙ: ميھڙ ۾ ڳوٺ ڪلر جي رهواسين فريدآباد پوليس جي زيادتين ۽ چوري جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به واحد بخش پتوجو، مختيار پتوجو، منير، آندل سراج، علي گل پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ھنن چيو ته چار ڏينھن اڳ ڳوٺ ڪلر مان علي حيدر پتوجو جي گھر مان لکين روپين جي چوري ٿي ھئي، کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا، جيڪي جانوري برادري جي ھڪ گھر ۾ لڳا پر جوابدار اڳ ۾ ئي فرار ٿي ويا آهن، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button