پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي،وفاقي حڪومت نوٽيس وٺي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي :سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان سنڌ صوبي کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، وفاقي حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي. صوبي ۾ آبپاشي سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي به شديد کوٽ آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جو ملڪ جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي. ملڪ جي معيشت کي پهريان ئي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وڌيڪ مشڪلات جو شڪار ٿي ويندي. پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار ۽ فروٽ جا باغ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هاري ۽ آبادگار پريشان آهن، فصلن تي لاڳت جا خرچ به وصول نه ٿا ٿين. صوبائي وزير وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ کي 1991ع جي معاهدي تحت پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرن جي کوٽ سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبن ۾ 1991 پاڻي فارمولي تحت ورهاست ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button