پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

پاڻي چوري روڪڻ لاءِ نارا ڪئنال جي واهن تي رينجرز مقرري جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ جي گهرو کاتي پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ نارا ڪئنال جي شاخن تي رينجرز کي مقرر ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.گهرو کاتي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي درخواست تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي ڊي جي رينجرز کي ليٽر اماڻي ڇڏيو. آبپاشي عملدارن نارا ڪئنال جي علائقي خاص ڪري جمڙائو، مٺڙائو، ۽ ٿر ڊويزن ۾ غير مجاز ۽ زوري پاڻي جي چوري جي واقعن جا اطلاع ڏنا آهن. لاڳاپيل عملدارن ۽ آبپاشي کاتي ۽ ان سان لاڳاپيل آفيسن جي عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حراسان ڪرڻ جي شڪايت آهي. مانيٽرنگ ٽيم تي حملي جو واقعو به ڄاڻايل خط ۾ تفصيلي بيان ڪيو ويو آهي. رينجرز کي علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ مقامي پوليس ۽ سول انتظاميا کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button