پاڪستانسنڌ

مقصودو رند ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

مقصودو رند: مقصودو رند جي بابو ڇن شاخ ۽ سرھاڙي شاخ جي پڇڙي ۾ گذريل چئن مھينن کان پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن خلاف آبادگارن محمد حسن لاکو، ذوالفقار علي رند، ممتاز علي رند، گل بيگ رند، دوست علي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته اريگيشن عملدارن جي نااهلي سبب بابو ڇن شاخ ۽ سرھاڙي شاخ جي پڇڙين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنھن سبب وونئڻ به پوکي نه سگهيا آهيون، پاڻي جي کوٽ سبب ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، اسان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، جڏھن ته اسان جو پاڻي آبپاشي عملدارن ڳري رشوت عيوض منڍ جي زميندارن کي کپائي ڇڏيو آهي، شاخن جا غيرقانوني طريقي سان منڍ جا واٽر ڪورس ٽوڙي بااثر زميندار پاڻي وھائي رھيا آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺي آبپاشي عملدارن خلاف قدم کڻي پاڻي کوٽ ختم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button