
ميھڙ: ميھڙ ۾ واھي پانڌي جي رھواسي محمد جمن رند ۽ رتو خان کوسو نيشنل پريس ڪلب آڏو جوھي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ته 15 ڏينھن اڳ منھنجي ڀاڻيجي گلزار لاشاري جي دڪان مان 3 لکن جي ماليت جو سامان چوري ٿي ويو هو، اسان ڌڻي بخش لغاري، اصغر لغاري، پيرو لاشاري ۽ ٻين کي سڃاتو آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، جڏھن ته جوابدارن مڇرجي گلزار لاشاري ۽ غلام حسين لاشاري مٿان حملو ڪري شديد زخمي ڪيو آھي، جنهن بعد پوليس جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.