پاڪستانپنجاب

شهباز گل حادثي ۾ زخمي، قاتلاڻي حملي جو الزام

اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل موٽر وي تي ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آهي. حادثو ايم ٽو خانقاهه ڊوگران جي حدن ۾ پيش آيو، حادثي کانپوءِ فوري طور موٽر وي پوليس جون اختياريون پهچي ويون. رپورٽن موجب شهباز گل پنهنجي گاڏي ۾ لاهور کان اسلام آباد وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي سان خانقاهه ڊوگران ڀرسان حادثو پيش آيو. گاڏي ۾ شهباز گل سميت 4 ڄڻا سوار هئا ۽ چارئي معمولي زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو. هوڏانهن ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گل دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي گاڏي جو پيڇو ڪندي ڄاڻي واڻي هِٽ ڪيو ويو. هن جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف حادثي جا جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button