اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو پرڏيهي سازشن جي الزامن بابت جاچ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان ٻاهرين سازش جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انڪوائري ڪميشن اڻ ڌريو هوندو، جيڪو شفاف طريقي سان الزامن جي جاچ ڪندو ۽ ڪميشن طرفان جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان کانپوءِ جن ماڻهن ملڪ کي ڪوڙي سياست لاءِ استعمال ڪيو، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته انڪوائري ڪميشن لاءِ اهڙو سربراهه مقرر ڪيو ويندو، جنهن تي ڪير به آڱر نه کڻي سگهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو ٻاهرين سازش جو پٽڪو نه گوگي بچايو جو ماتم آهي، معاشي دهشتگرد، معاشي بارودي سرنگهون وڇائيندڙ نالائقي جو ماتم ڪري رهيا آهن، سازشي ٽولي 4 سال ملڪ کي لٽيو ۽ عوام خلاف سازش ڪئي، ان ٽولي 4 سال خزاني ۽ توشا خانه کي لٽيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button