ميھڙ: پ پ پ ايم پي اي ۽ صوبائي صلاحڪار عشر و زڪوات فياض علي ٻٽ چيو آھي ته پ پ پ سنڌ ۾ قانون جي بالادستي چاھي ٿي، اسان جي ڪوشش آھي ته ميھڙ کي ضلعو بڻايون، ضلعي ٺھڻ سان ماڻھن کي سھولتون ملنديون، ميھڙ اسپتال ۾ ڇاتي جي سور جي لا ھڪ ادارو ۽ ڊائلاسز سينٽر منظور ڪرايو آھي، جنھن جو ڪم جاري آھي، اسان تنقيد برا اصلاح جا قائل آھيون. اھڙو اظھار ھن ميھڙ بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ميھڙ بار جي صدر وڪيل عبدالحليم ٻگھيو ۽ جنرل سيڪريٽري وڪيل سعيد پنھور آيل مھمانن جي آجيان ڪئي. جڏهن ته پ پ ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ، ڪمال خان ڏيپر، وڪيل عبدالحق جاگيراڻي، وڪيل سيد لعل شاہه، وڪيل گل حسن مغيري، وڪيل امجد حسين ٻلھڙو، وڪيل رياض ڏيرو، وڪيل منور جتوئي سميت وڏي تعداد ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close