پاڪستانسنڌ

ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺاڻن لا رڳو 3 لک معاوضو، احتجاجي مظاهرو

اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ سبب متاثر ٿيندڙ ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين کي شهنگائي، سائينو سنڌ ۽ ٽي سي بي ڪمپنين روزگار سميت ڪمن ڪارن ۽ ٺيڪن ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ڪولهي برادري جا 150 گهر پاور پلانٽ جي مڪمل گهيري ۾ اچڻ سبب سندن زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي، سنڌ حڪومت پاران في گهراڻي کي 3 لک معاوضو ڏيڻ واري آڇ کي ڪولهي برادري جي ماڻهن ٿُڏي ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺ وروائي جيان في گهر کي 43 لک معاوضو ۽ گهر ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. اُن سلسلي ۾ بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسي مختلف برادرين جي ماڻهن پريس ڪلب آڏو ڪمپنين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن قلندر شاهھ، حسن علي شاهھ، ڪيوڙو ڪولهي، نانگجي ڪولهي، جولو ڪولهي، پريم چند ڪولهي، مبارڪ خاصخيلي، نور محمد خاصخيلي، عبدالله جوڻيجو، منگل ڀيل، راجو ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بلاڪ ون جي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين اسان کي روزگار سميت ڪمن ڪارن ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا گهر پاور پلانٽ جي گهيري ۾ اچي چُڪا آهن، ڪمپنين مڪمل معاوضو ڏيڻ بدران 3 لک ڏيڻ جو پلان جوڙيو آهي، جيڪو قبول ناهي، ڳوٺ وروائي واسين کي في گهر 43 لک معاوضو ڏنو ويو، ساڳيو معاوضو اسان کي به ڏنو وڃي. اسان سان گئوچر ۽ سروي زمينون بلاڪ ون اندر اچي ويون آهن. هنن چيو ته ڪمپنيون روزگار نٿيون ڏين، ٺيڪا به رشوت عيوض ڏنا پيا وڃن، جيڪو ظلم آهي. هنن سپريم ڪورٽ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button