اسلام آبادپاڪستان

شيخ رشيد حنيف عباسي جي خاص مددگار طور مقرري چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد :مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار بڻائڻ وارو قدم هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار بڻائڻ خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاق کي سيڪريٽري ذريعي ۽ حنيف عباسي کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حنيف عباسي خلاف 21 جولاءِ 2012 ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪيس داخل ڪيو. هو ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ سزا مليل آهي، کيس ٽرائل ڪورٽ 21 جولاءِ 2018 تي سزا ٻڌائي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي سزا معطل ڪئي آهي پر جوابدار هجڻ جو فيصلو ختم ناهي ٿيو. سيڪريٽري ڪابينا ۽ حنيف عباسي ٻڌائين ته ڪهڙي قانون تحت کيس هن عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ياد رهي ته حنيف عباسي کي 27 اپريل 2022 تي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button