
حيدرآباد: حيدرآباد ۾ نوجوان ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، خبر موجب حيدرآباد ۾ مرزا پاڙا وٽ نامعلوم نوجوان ٽرين جي ٽڪر ۾ اچي فوت ٿي ويو. نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ايڌي رضاڪان پهچي لاش سول اسپتال آندو. جتي وارثن جي تلاش ڪئي پئي وئي.