پاڪستانپنجاب

عليم خان جو عمران خان جي الزامن تي کيس مناظري جو چئلينج

لاهور: عليم خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي الزامن تي کيس ٽي وي تي مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو. عمران خان هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته عليم خان ۽ جهانگير ترين جو مقصد اقتدار ۾ اچن کانپوءِ فائدو کڻڻ هو. تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ هو ته عليم خان پنهنجي 300 ايڪڙ زمين ليگل ڪرائڻ چاهي پيو جڏهن ته جهانگير ترين جو مسئلو شگر ڪميشن هو. عمران خان جي الزامن تي رد عمل ڏيندي عليم خان چيو ته عمران خان جو انٽرويو ڏٺو، عمران خان الزام لڳايو ته عليم خان 300 ايڪڙ زمين ليگل ڪرائڻ چاهي پيو، مان 2010ع کان 2018ع تائين اپوزيشن ۾ عمران خان سان رهيس، هي سوسائٽي 2010ع ۾ به مون وٽ هئي جيڪا اڄ به مون وٽ آهي، عمران خان منهنجي والد جي وفات تي هن سوسائٽي ۾ آيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button