اسلام آبادپاڪستان

شيخ رشيد جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

راولپنڊي: لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد گرفتاري کان اڳ ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ درخواست داخل ڪئي. شيخ رشيد جي درخواست تي جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان مختصر شنوائي ڪئي ۽ ان 18 مئي تائين سندس عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. ان کان علاوه عدالت شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي راشد شفيق طرفان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ داخل درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته شيخ رشيد تي فيصل آباد، گوجر خان، راولپنڊي ۽ اٽڪ سميت 9 شهرن ۾ توهين مذهب جا ڪيس داخل آهن جڏهن ته سندس ڀائٽي شيخ راشد شفيق کي اڳ ئي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button