پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ بااثر شخص خلاف 3 پورهيت ڀائرن جو احتجاج

سنڌڙي: سنڌڙي ويجھو لال خان شاخ ڀرسان ڳوٺ صابو مري جي رهواسين 3 پورهيت ڀائرن جمعو سولنگي، سومر ۽ چڻو سولنگي پريس ڪلب سنڌڙي اڳيان ڪامريڊ ڄيٺو مل جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ڪامريڊ ڄيٺو مل اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هر روز مختلف ٿاڻن تي اسان خلاف ڪوڙيون درخواستون ڏئي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، اسان مهانگائي جي دور ۾ ڪيسن جي پوئيواري ڪريون يا ٻارن لا مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ جيٺو الزام هڻي رهيو آهي ته اوهان اسان جي ٻانهن اغوا ڪري ويا آهيو. جيڪا ڇوڪري پنهجي مرضي سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لا گهران نڪتي آهي، جيڪا سانگهڙ ۾ موجود آهي، پر انهن خلاف قدم کڻڻ بدران جيٺو مل اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري جيٺو مل مان جان ڇڏائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button