پاڪستانسنڌ

فريدآباد ڀرسان سماجي تنظيم پاران باهه متاثرن ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان ورهايو ويو

فريدآباد: فريدآباد ڀرسان سماجي تنظيم جي اڳواڻن بشير احمد وسيم، معشوق علي رند، مدني سومرو، نعيم علي شاهه ۽ جواد علي ڏيرو باهه متاثرين وٽ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي سامان تقسيم ڪيو. هنن چيو ته 2 سئو باهه متاثر خاندانن ۾ اٽو، چانور، دال، گيهه، مڇر دانيون ۽ ٻيو سامان ورهايو آهي، جنهن ۾ في خاندان کي 44 هزار جو سامان شامل آهي. هنن چيو ته سماجي ۽ فلاحي ادارن کي گهرجي ته ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باهھ متاثرن جي مدد ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button