اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم پيڪا بابت ايف آءِ اي جي درخواست جو نوٽيس ورتو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي، جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. ڪالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي. بدقسمتي سان درخواست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button