پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ٽنڊو غلام علي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ امن آباد جي مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن شوڪت جروار، حفيظ جروار، اي بي جروار، سجاد جروار، امجد جروار، ذاڪر جروار، بلوچ جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ٽنڊو غلام علي پوليس خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته هائر سيڪنڊري اسڪول امن آباد ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪندڙ استادن خلاف مسلسل احتجاج ڪيا ويا، تعليم کاتي تعلقي ۽ ضلعي جي آفيسرن انصاف جي خاطري ڪرائي، مخالف ڌر مڇرجي اعجاز جروار جي رستا روڪ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي خلاف جڏهن گذريل ڏينهن سم سورهڏي اسٽاپ تي مظاهرو ڪيو ته بااثر وڏيرن ۽ استادن جي ونگار وهندڙن مظاهرين تي حملو ڪيو. زخمين کي کڻائي ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي پهتاسين ته متاثر ڌر جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران پوليس احتجاج ڪندڙ شاگردن سرويچ جروار، اويس، اهتشام جروار ۽ سندس عزيزن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري هراسان ڪندڙ استادن کي فوري طور تي هٽائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button