پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ بدامني، عوامي ورڪرز پارٽي جي ريلي

ڄامشورو: ڄامشورو شهر ۾ وڌندڙ بدامني، ڦُرن ۽ چورين خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. عوامي ورڪرز پارٽي ڄامشورو پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪانڀو خان برھماڻي، ڪامريڊ ثناالله، ڪامريڊ شاھد، ڪامريڊ نعمان، ڪامريڊ عاليا بخشل، اين بي کوسو ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو پوليس شهر جي امن کي بحال رکڻ ۽ وڌندڙ بدامني کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. چورن ۽ پوليس جي ڳٺجوڙ سبب شهر واسين جي جان ۽ مال غير محفوظ بڻيل آھن. شهر ۾ ڏينھن توڙي رات وارداتون معمول بڻجي ويون آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته جلد شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي. احتجاج ۾ شهر جي سياسي، سماجي ڌُرين جي اڳواڻن سميت شهر واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button