پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ پروين رند سان جاچ دوران اڍنگو رويو، ڌرڻو، ريڊر معطل

ٽنڊوآدم : نوابشاهھ ۾ هراسمينٽ واقعي ۽ گهٽا ڏئي مارڻ واري معاملي جي حوالي سان نوابشاهھ جي عدالت جي حڪم تي پروين رند پنهنجي چاچي علينواز رند سان گڏجي ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم جي آفيس پهچي لکت ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن دوران ڊي ايس پي آفيس جي ريڊر شاگردياڻي کي مبينا طور گٿا لفظ ڳالهايا، جنهن تي شاگردياڻي پنهنجي چاچي سان گڏ بائيڪاٽ ڪري روڊ تي پيرين اگهاڙي ڌرڻو هنيو. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هڪ سازش تحت دروازا بند ڪرڻ لا شاگردياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ هراسمينٽ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، اهڙي ماحول ۾ ڪير پنهنجون نياڻيون يونيورسٽين ۾ موڪليندو. هنن ڊي ايس پي جي جاچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران ريڊر نازيبا لفظ ڳالهايا، اسان انصاف لا آيا آھيون، پر هتي الٽو بيعزتي ڪئي وئي. هن ڊي ايس پي وٽ لکت ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته اسان جي ڪيس ۾ جوابدار غلام مصطفى راجپوت، فريده وڳڻ، فرحين ڏاهري ۽ ٻيا منهنجي ڪيس ۾ جوابدار آھن، مون انهن جي سڃاڻپ ڪئي آھي. ميڊيڪل رپورٽ ۾ به منهنجي موقف جي تائيد ٿيل آھي. هن ٻڌايو ته جوابدار بااثر آھن، جيڪي جاچ تي اثرانداز پيا ٿين ۽ مون کي انصاف ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ آھن. هن چيو ته جاچ آفيسر به جاچ جو رخ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اعتماد ناهي. ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اشتياق آرائين پهچي شاگردياڻي کي ريڊر فياض راڄپر کي معطل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ڊي ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان ريڊر فياض راڄپر کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آھي. هوڏانهن معطل ٿيل ريڊر فياض راڄپر جو چوڻ هو ته پروين رند اسان جي به نياڻي آھي، ان سان ڪو به اڍنگو رويو ناهي رکيو، سوال پڇڻ جاچ جو حصو هئا، هن کي ڪا غلط فهمي ٿي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button