پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ ڄڃ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، 2 ٻارڙا فوت

شهدادپور : شهدادپور ۾ شھدادپور-سنجهورو روڊ تي ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ مان شادي تي ويندڙ ڄڃ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالر ٽا راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب 2 معصوم ٻارڙا تنوير پٽ غلام حيدر لغاري ۽ شمن پٽ انور لغاري موقعي تي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ سرفراز، نمرا، آصفه، رضوان، روبينه، فاطمه، رابيعه ۽ بشير سميت 25 کان وڌيڪ ٽرالي ۾ سوار عورتون، مرد ۽ ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي شھدادپور انسٽيٽوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو. ڊاڪٽرن ٻنهي ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن تي عورتن ۾ ڪهرام مچي ويو، بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد فوتي ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ڄڃ سان پيش آيل روڊ حادثي سبب شادي جو خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button