پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي: سنڌي مزدور تحريڪ

ٽنڊو جان محمد: سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ۽ عوامي تحريڪ جي کاهوڙي اڳواڻ مير نور محمد ٽالپر جو چاليهو سندس اباڻي ڳوٺ ربو لڳ ٽنڊو جان محمد ۾ ملهايو ويو. پروگرام ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جي باڊي به چونڊي وئي. جلسي عام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي صدر وڪيل غفار ناريجو، مير مشتاق ٽالپر، ماهه نور ٽالپر، ڊاڪٽر دلدار لغاري، طالب جروار، ارسلان ٽالپر، جاکرو نوحاڻي، علي محمد پرويز ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مير نور محمد مسلسل جدوجھد، جاکوڙ، ھمت ۽ حوصلي جو نالو ھو، ھو آمر جنرل ضياءَ جي سخت مارشلا خلاف ميدان عمل ۾ رھڻ سان گڏ عوامي تحريڪ طرفان ٿيندڙ لانگ مارچن، ايم آر ڊي، عدليا جي آزادي واري جدوجهد سميت ون يونٽ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪن جو حصو رهيو. اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي سندن زمينون وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ غيرقانوني طور آيل افغاني ۽ ٻين پناهگيرن جي ڳوٺن کي پڪو ڪري سنڌ ۾ سنڌين کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ دهشتگردن سان اتحاد ڪري کين دهشتگردي ڪرڻ جا پروانا ڏنا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button