اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

پاڻي ورڇ جي ناقص نظام ۽ جديد طريقا اختيار نه ڪرڻ سبب پاڻي کوٽ آهي:ڊاڪٽر حسن

اسلام آباد :پاڻي ۽ ماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ جو هڪ سبب خشڪي آهي ته ٻيو وڏو سبب پاڻي جي ورڇ واري نظام جو ناقص نظام ۽ جديد طريقا اختيار نه ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي سال ڏڪار ۽ برفباري جي لحاظ کان بدترين رهيو آهي. ساڳئي وقت اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هن وقت سنڌ جي زراعت جو مڪمل دارومدار سنڌوءَ تي آهي. اها ڳالهه اڄ جي نه پر سوين سالن جي آهي. مارچ، اپريل ۽ مئي جي شروعات ۾ پاڻي جو وڌيڪ برفباري تي دارومدار هوندو آهي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته گليشيئر جي برف مئي کان پوءِ پگھرجڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ان جو پاڻي دريائن ۾ وهڻ شروع ٿئي ٿو. هاڻي ڇا ٿيو آهي جو سياري ۾ برسات به گهٽ هئي ته برفباري به گهٽ، جنهن سبب مارچ ۽ اپريل ۾ پاڻي گهٽ ٿيو. ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته سنڌو ۽ ٻين دريائن تي ڊيم ٺاهيا ويا آهن، دريائن جي قدرتي وهڪري کي روڪيو ويو آهي يا متاثر ڪيو ويو آهي ۽ اهو پڻ سنڌ تي اثر انداز ٿئي ٿو. جڏهن ته پاڻي ورهائڻ وقت ان ڳالهه تي غور ناهي ڪيو ويو ته سنڌ کي پاڻي جي ڪڏهن ضرورت آهي. ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته سنڌ جي موسم پنجاب کان هڪ مهينو اڳتي آهي. ٻين لفظن ۾ سنڌ ۾ گرميءَ جي موسم پنجاب کان هڪ مهينو اڳ شروع ٿي ويندي آهي، جنهن سبب ربيع جي موسم به اڳي شروع ٿئي ٿي. جنهن وقت پنجاب ۾ ڪڻڪ جو لابارو ٿي رهيو هوندو آهي ته ان وقت سنڌ ۾ ڪڻڪ پوکڻ جو وقت آهي. ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته سنڌ کي اڪثر مارچ ۽ اپريل ۾ پاڻي جي ضرورت پوندي آهي. هن وقت سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ کي اهو پاڻي مئي، جون ۾ ملڻ شروع ٿئي ٿو ۽ اهو به ٿئي ٿو ته اهو پاڻي پهرين پنجاب ۽ پوءِ سنڌ کي ڏنو وڃي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ جا فصل پاڻي جي کوٽ سبب خراب ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هن سال سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شايد تاريخي آهي. نتيجي ۾ بيٺل فصل خراب ٿي ويا آهن. نون فصلن لاءِ زمين تيار نٿي ٿي سگهي. آبادگارن ۽ زميندار پاڻي جي کوٽ خلاف آواز اٿاري رهيا آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button