پاڪستانسنڌ

سن ڀرسان پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف ايس يو پي جي ريلي، ڌرڻو

سن: سن ڀرسان يوسي لاکا ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان پبلڪ ھيلٿ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي شاھي بازار اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ايس يو پي تعلقي مانجھند جي صدر ڪامريڊ علي نواز ڪنڀر، نياز محمد کوسو، اصغر ميمڻ، شفيق احمد خاصخيلي، گلزار کوسو، شھباز علي ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوسي لاکا شهر جي واٽر سپلائي جي اسڪيم ھڪ ڪروڙ 35 لک جي منظور ٿي ھئي، جيڪا رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي، ٺيڪيدار اڌ ڪم ڪري گم ٿي ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button