پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ عورت جو بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ٽورا آباد جي رهواسڻ نوشين لغاري پنھنجي معصوم پٽ ايان علي سان گڏ بااثر ۽ حد جي پوليس ۽ وومين پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. عورت نوشين لغاري چيو ته 2017ع ۾ ھڪ فليٽ وڪرو ڪيو، جنھن تان پراپرٽي ڊيلر فاروق لغاري سان تڪرار ٿي پيو، جنھن بعد بااثر فاروق لغاري مسلسل حراسان ڪري رھيو آھي، ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي رشوت ڏئي سائيبر ڪرائيم جي ڪوڙي الزام ھيٺ گهر تي ڇاپو ھڻائي گرفتار ڪرائي منھنجي تذليل ڪرائي. منھنجو پٽ ايان علي ميڊيڪل اسٽور تي دوا خريد ڪرڻ ويو ته ڪار ۾ سوار فاروق لغاري جي ويجھي عزيز شھزاد لغاري ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن پٽ کي رستي تي روڪي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اغوا جي ڪوشش ڪئي. پٽ جي رڙين بعد ڄاڻايل ماڻھو پٽ کان موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا. آئون بروقت غريب آباد ٿاڻي تي ويس، پر پوليس بااثر فاروق لغاري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران مون کي داٻا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو. عورت ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button