پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ معاوضو نه ڏيڻ خلاف ورڪرن جو ڊي ايڇ او آفيس جو گهيرا

ڄامشورو: تعلقي ڪوٽڙي جي ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ والينٽرز کي ڪرونا دوران ڪيل ڊيوٽي جو معاوضو ملي نه سگهيو آهي، جنهن خلاف ڊي ايڇ او ڄامشورو جي آفيس جو گهيرا ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مھتاب، نور جهان، سبين، عاليا شاهد ۽ ٻين چيو ته اسان ڪرونا وائرس دوران جان جوکي ۾ وجهي ڊيوٽي ڪئي، پر اسان کي معاوضو نٿو ڏنو وڃي، ڪرونا دوران اسان ٻن رائونڊن ۾ ڊيوٽي ڪئي پر هن وقت تائين هڪ رپيو به نه ملي سگهيو آهي، اسان جي عيد به ايئن ئي گذري وئي آهي، پر رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ڪرونا دوران ڪيل ڪم جو معاوضو ڏنو وڃي، نه ته پوليو مهم جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر ونود چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اڪائونٽس ۾ پئسا جلد اچي ويندا، جن ليڊي هيلٿ ورڪرز جا اڪائونٽ ناهن، انهن کي اڪائونٽ کولرائڻ جو چيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button