پاڪستانپنجاب

پنجاب جي هٽايل گورنر جا آئيني ماهرن سان صلاح مشورا

لاهور: پنجاب جي برطرف گورنر عمر سرفراز چيما آئيني ماهرن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي. عمر سرفراز چيما جو چوڻ آهي ته صدر غير معمولي حالتن کي نظر ۾ رکندي سمري رد ڪئي، ڪيبنيٽ ڊويزن مون کي هٽائڻ جو غيرآئيني نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن کي رد ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آئيني ماهرن سان مشاورت جاري آهي، جلد آئيني لائحه عمل جو اعلان ڪندس. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما گورنر ناهي رهيو، ان لاءِ هن کي سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي. گڏوگڏ گورنر هائوس جي ٻاهران رنڊڪون پيدا ڪيون ويون آهن ۽ پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي عمر سرفراز چيما کي گورنر هائوس اچڻ تي داخلا جي اجازت ناهي ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button