پاڪستان

نواز شريف پارٽي جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو، وزيراعظم ۽ ٻيا لنڊن طلب

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف پارٽي جو هنگامي اجلاس لنڊن ۾ طلب ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف وڊيو لنڪ اجلاس جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت کي لنڊن پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي پهريون ئي لنڊن ۾ موجود آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جو هڪ ٻن ڏينهن ۾ لنڊن رواني ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نواز شريف کي ڪجهه معاملن تي خدشا آهن، ان لاءِ ن ليگ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن تي حڪمت عملي بابت به نواز شريف ۽ اسحاق ڊار سان مشاورت ٿيندي، جڏهن ته ايندڙ چونڊن، پنجاب ۾ ڪابينا ۽ پاور شيئرنگ بابت به اهم فيصلا ڪرڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button