پاڪستانپنجاب

مفرور ماڻهو سان ملڻ لاءِ ڪابينا جو لنڊن وڃڻ پاڪستان جي توهين آهي: عمران خان

جهلم: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اربين رپين جي ڪرپشن ڪيسن ۾ مفرور نواز شريف جي گهرائڻ تي وفاقي جو لنڊن وڃڻ پاڪستان جي توهين آهي. جهلم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪابينا جا ماڻهو عوام جي پئسن تي لنڊن وڃي اتي ويهي سزا يافته ماڻهو ۽ ڏوهاري کان هدايتون وٺندا، اها پاڪستان جي توهين آهي ۽ هاڻي غيرتمند قوم ان خلاف بيهي رهي آهي. مسلم ليگ ن جي قيادت تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته “مريم نواز ۽ وڏو ڀاء فوج خلاف بيان ڏئي ٿو ۽ ننڍو ڀاء بوٽ پالش ڪري ٿو، شهباز شريف شرم ڪر، مون جنهن مير جعفر جو ذڪر ڪيو اهو تون آهي ڇوجو جيئن انگريزن مير جعفر کي اقتدار تي ويهاريو تيئن ئي آمريڪا توکي اقتدار تي ويهاريو.” عمران خان آصف زرداري جو ذڪر ڪندي چيو ته “جڏهن گدڙ جو موت ايندو آهي ته اهو شهر جو رخ ڪندو آهي، مان سنڌ کي آزاد ڪرائيندس، تو سنڌ کي ڦريو، ظلم ڪيو ۽ جهاز ڀري ڀري پئسا، ڊالرز ٻاهر اماڻيا، مان هاڻي سنڌ اچي رهيو آهيان.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button