اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن جي نااهلي جو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن جي نااهلي جو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنسز جي شنوائي ڪئي. اليڪشن ڪميشن گڏيل طور تي فيصلو ڏنو ته ناراض ميمبرن مٿان 63 اي لاڳو نٿو ٿئي. احمد حسين ڊيهڙ، راڻا قاسم نون، غفار وٽو ۽ سميع الحسن گيلاني بابت ريفرنس تي فيصلو ٻڌايو ويو. تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن ۾ مبين احمد، باسط بخاري، عامر گوپانگ، اجمل فاروق کوسو، رياض مزاري، جويريا ظفر، وجيهه قمر، نزهت پٺاڻ، رميش ڪمار، عامر لياقت، عاصم نذير، نواب شير وسير ۽ افضل ڊانڊلا بابت ريفرنس تي فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن ناراض ميمبرن خلاف نااهلي ريفرنس ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران وڌيڪ رڪارڊ ڏيڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندس ۽ اليڪشن ڪميشن فيصلي جي ڪاپي فراهم ڪري. اسان جي نظر ۾ هاڻ هي ڪيس تڪراري بڻجي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button