پاڪستانسنڌ

مهراڻ يونيورسٽي گڏيل تحقيق لا مختلف ڪمپنين سان معاهدو ڪري ورتو

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، سامانِ شفا فائونڊيشن ۽ دبئي جي سمارٽ مينٽور آئي او ڪمپني سان گڏيل تحقيق ڪرڻ ۽ پراجيڪٽ تيار ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو. معاهدي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، سامانِ شفا فائونڊيشن جي نمائندي ڊاڪٽر ارشاد نور، سمارٽ مينٽور جي چيف ايگزيڪٽور وقاص قدير سومرو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر انعام ڀٽي صحيحون ڪيون. معاهدي واري تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ فائنل ايئر جي شاگردن کي مختلف ايجادن ۽ پراجيڪٽن تي ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيو ويندو، استاد ۽ شاگرد گڏجي انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ ٻين شعبن جا ننڍا ننڍا پراڊڪٽ ۽ پراجيڪٽ تيار ڪندا، جن مان ڪامياب پراڊڪٽن ۽ پراجڪيٽن کي مارڪيٽ ۾ اڳتي هلي وڪرو ڪيو ويندو. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ڊينز، چيئرمينن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button