پاڪستانسنڌ

آئي بي اي پاس 2000 استادن جون مقرريون فارم ڊي سبب روڪيون ويون

ڪراچي : آئي بي اي سکر کان ٽيسٽ پاس ڪندڙ 2000 استادن جون مقرريون روڪيون ويون آهن. استادن ۾ 1100 جو تعلق ڪراچي سان آهي. تفصيل موجب آئي بي اي سکر مان ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن لاءِ فارم ڊي مقرري ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ٽيسٽ پاس ڪندڙ 2000 استادن جي مقرري روڪي وئي آهي، جنهن ۾ 1100 جو تعلق ڪراچي سان آهي. جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن جا استادن به فارم ڊي سبب مقررين کان محروم آهن. ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ اميدوارن وٽ فارم ڊي موجود نه هو، جنهن سبب مقرري ناما روڪيا ويا. اميدوارن جو چوڻ آهي ته وڏن نمبرن سان امتحان پاس ڪيو ويو، ميٽرڪ، انٽر، گريجوئيٽ، ماسٽر جن ضلعن مان ڪيو ويو، ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ سمورا ڪاغذ جڙيل هئا ۽ ٽيسٽ ۾ شرڪت کانپوءِ فارم ڊي ٺاهڻ جي درخواست ڏني هئي. جڏهن ته آفر ليٽر لا تجويز نه ٿيڻ سبب اميدوارن ۾ بيچيني پکڙيل آهي ۽ ٻڏتر جو شڪار آهن. اميدوارن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم واري وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي آفر ليٽر جاري ڪري اميدوارن جو مسئلو حل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button