پاڪستانپنجاب

جيل وڃڻ ۽ زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان:عمران خان

اٽڪ : اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيل وڃڻ ۽ زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر آمريڪي غلامي قبول ناهي، جڏهن اسان کي سازش جي خبر پئي ته جيڪي ماڻهو سازش روڪي سگھن پيا، انهن کي ٻڌايو ته وڏي ڏکيائين سان ملڪي معيشت سنڀالي آهي، حڪومت وئي ته نقصان ٿيندو. اٽڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي ڪندي عمران خان چيو ته آصف علي زرداري جو نيب ۾ سڌارن جو چوڻ قيامت جي نشاني آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ فيصلائتي صورتحال آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ گھڻو وڏو فيصلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، مان فيصلو ڪيو آهي ته هي سياست نه پر جهاد آهي، هن وقت اسان جي حقيقي آزادي جي جنگ آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين جيئرو آهيان چورن، ڦورن ۽ غلامي کي قبول نه ڪندس، آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف ڪرپٽ ماڻهو آهن، انهن ۾ هڪ ڪرپٽ انسان اهو به آهي، جيڪو 30 ورهين کان اسلام کپائي رهيو آهي. عمران خان چيو ته سخت ڏکيائين باوجود اسان جي حڪومت ملڪ کي بيهاريو، تعميراتي شعبي کي اهميت ڏني ۽ رڪارڊ ايڪسپورٽ ڪئي، آمدني سڀ کان وڌيڪ وڌائي، جڏهن اسان کي سازش جي خبر پئي ته مون سازش ٽوڙي سگھندڙن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته ڏکي صورتحال ٿيندي، مون کي ڏک سان چوڻو ٿو پئي ته ڪجهه به نه ٿيو. هن چيو ته 20 تاريخ کانپوءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ جي ڪال ڏيندس، ڪنهن کي ڪنهن به قسم جو خوف نه ٿيڻ گھرجي، اسان انهن ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڀرپور احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button