اسلام آبادپاڪستان

شزا فاطما نوجوانن جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار مقرر

اسلام آباد : نواز ليگ ايم اين اي شزا فاطما خواجا کي نوجوانن جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شزا فاطما جي خاص مددگار طور مقرري ڄاڻايل رولز جي شيڊيول 5-اي جي سيريل نمبر ون-اي سان گڏ پڙهيل رولز آف بزنس، 1973 جي قاعدي 4 (6) موجب ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ موجب شزا فاطما جي خاص مددگار طور مقرري کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو انگ 46 ٿي ويو آهي، جن ۾ 34 وفاقي وزير، 5 مملڪتي وزير، 4 خاص مددگار ۽ 3 صلاحڪار شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button