پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ سوتلي تي ٺهيل عظيم ماڻهن جي مجسمن جي نمائش

ڪراچي: سنڌ ثقافت کاتي پاران ڪراچي جي پورٽ گرانڊ ۾ “سنڌ ڪرافٽس فيسٽيول” شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ “ساهتي اڪيڊمي آف آرٽ اينڊ ڪرافٽ محرابپور” جي قمرالنساءِ جوکيو کي پڻ خصوصي نمائندگي ڏني وئي آهي. فيسٽيول 15 مئي تائين جاري رهندو. هٿ جي هنرن جي ميلي ۾ سنڌي رلي، سنڌي ڀرت، سنڌي ڪاشي ۽ جنڊي جي ڪم جا 50 کان مٿي اسٽال لڳايا ويا، جن اسٽالن ۾ ساهتيءَ جو سوتلي تي وکري ڪم جو واحد اسٽال پڻ شامل آهي، جنهن ۾ ڏيهھ پرڏيھه جي ليجنڊ شخصيتن جا سوتليءَ سان ٺهيل مجسما رکيا ويا آهن، جن ۾ شاھه لطيف، سچل سرمست، سامي، ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت ڪبير، سائين جي ايم سيد، بينظير ڀٽو، عابده پروين، بشير خان قريشي، علڻ فقير، عبدالستار ايڌي، راڳي سهراب فقير، مائي ڀاڳي، جيجي زرينا بلوچ، جلال چانڊيو، مولانا رومي، مڌر ٽريسا، مائيڪل جيڪسن، مهاتما گوتم ٻڌ، پرافيٽ موسيس، جيسس ڪرسٽ جي مجسمن سان گڏ شاھه لطيف جي شاعريءَ جي ڪردارن مومل راڻو، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ ٻين ڪردارن جا علامتي ۽ ثقافتي مجسما رکيا ويا آهن. ياد رهي ته ليجنڊ شخصيتن جي مجسمن تي سوتليءَ جو ڪم نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ وکرو ڪم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button