اسلام آبادپاڪستان

هڪ کان وڌيڪ پاسپورٽ رکندڙ پاڪستانين لاءِ ايمنسٽي اسڪيم منظور

اسلام آباد : وفاقي حڪومت هڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه گهرو وزارت جي ترجمان موجب وزارت جي ڪابينا کي موڪليل سمري جي گذريل ڪابينا اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ايمنسٽي اسڪيم انهن پاڪستانين تي لاڳو ٿيندي، جيڪي هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپ رکن ٿا. ترجمان ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي فيصلي موجب ايمنسٽي اسڪيم 31 ڊسمبر 2022 تائين لاڳو رهندي. پاسپورٽ ايڪٽ تحت هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپ تي پاسپورٽ رکندڙن کي 3 سال سزا ٿي سگهي ٿي. ترجمان جو چوڻ هو ته ايمنسٽي اسڪيم ذريعي هڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙن لاءِ هڪ ڀيرو سزا کان معافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ايمنسٽي اسڪيم کي عام مفاد ۾ منظور ڪيو ويو، اندروني ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني فائدو کڻي سگهندا. ترجمان جو چوڻ هو ته ان ان کان 2006 کان 2016 تائين وفاقي حڪومت 6 ايمنسٽي اسڪيمون جاري ڪري چڪي آهي، انهن اسڪيمن سان هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپ رکندڙ تقريبن 12000 پاسپورٽ رد ڪيا ويا ۽ تازي ايمنسٽي اسڪيم سان هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپ وارا تقريبن 38 هزار پاڪستاني پاسپورٽ رد ڪري سگهبا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button